خير خواهه

خير خواهه (اخبار): هن هفتيوار اخبار جو پهريون پرچو 25 جون 1925ع تي نڪتو. هيءَ اخبار ’خير خواهه‘ پريس مان شايع ٿيندي هئي. هن اخبار جو ساليانو چندو اڍائي رپيا هو. هن اخبار جون شروع ۾ 300 ڪاپيون نڪرنديون هيون، جيڪي 1926ع ۾ وڌي 625 ٿيون. اخبار جي ڇپائي جو معيار سٺو ڪو نه هوندو هو. سرڪاري خيال مطابق خير خواهه اخبار جيڪا شروع ۾ ڪجهه اثر رکندي هئي، اها اڳتي هلي پنهنجو معيار وڃائي ويٺي. آخر ۾ ڪڏهن ڪڏهن نڪرندي هئي ۽ فرقيواريت ڏانهن جهڪيل هئي.


لفظ خير خواههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو